نوابشاهه (اي ڪي ڏاهري) مقامي شگر مل انتظاميه نوابشاهه پاران ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ واري عمل خلاف جسقم يونٽ شهيد جمال لاکو پاران جساف جي مرڪزي چيف آرگنائيزر اشرف ڪلهوڙو، سرفراز ميمڻ، سيد ناصر شاهه، فرمان ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران ٻئي ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوابشاهه شھر جي شگرمل انتظاميه مسلسل 10 سال مل اندرڪم ڪندڙ فرمان ملاح، ارشاد انصاري، فيصل ميمڻ ۽ سجاد ملاح سميت ڪيترن ئي ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته حبيب شگر مل انتظاميه ڪم ڪندڙ غريب ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪري انهن کي بيروزگار ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فارغ ڪيل ملازمن کي جلد کان جلد بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪئي ويندي.










