اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي 24نومبر واري احتجاج جي آڙ ۾ عام شهرين کي گرفتار ڪرڻ تي پوليس کي دٻڙاٽ پٽي ڇڏيو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتجاج جي نالي تي عام شهرين کي گرفتار ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جو صدر ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟ جسٽس ارباب محمد طاهر پاران پوليس جي رويي تي ڪاوڙ جو اظهار، عدالت جو چوڻ آهي ته اهڙن ماڻهن کي کنڀي جيلن ۾واڙي رهيا آهيو، جيڪي احتجاج ۾ شامل ئي نه هئا،اهو عمل بلڪل به اڻوڻندڙ آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي صدر رياست علي آزاد جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ ايئن ٿيندو هو پر هاڻي اسلام آباد ۾ به ايئن ٿي رهيو آهي، جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته هاڻي اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي،ان ڪري اوهان کي محسوس ٿي رهيوآهي، عدالت ايف 10 مان احتجاج ڪيس ۾گرفتار سبزي فروش جي ڀاءُ کي جڊيشل ڪري ڇڏيو.










