جيل صاف ڪرڻ جو حڪم،سياسي شخصيتن کي سيل ۾ رکڻ جون هدايتون

جيل صاف ڪرڻ جو حڪم،سياسي شخصيتن کي سيل ۾ رکڻ جون هدايتون

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن فوري طور حڪومت نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ن ليگ جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، ن ليگ قائد نواز شريف حڪومت کان فوري طور الڳ نه ٿيڻ جي فيصلي جي منظوري ڏني. ن ليگ جي مشاورتي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عمران خان جي ڪنهن به غير آئيني فيصلي کي قبول نه ڪيو ويندو. ذريعن موجب حڪومت خلاف اڳرائين کي سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اتحادي حڪومت قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي گرفتار ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي جيلن کي صاف ڪرائڻ ۽ سياسي شخصيتن کي الڳ سيل ۾ رکڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ۽ نواز شريف هدايت ڪئي ته راڻا ثناءُالله، توهان امن امان جي صورتحال ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تيار رهو. نواز شريف چيو ته قوم ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙن کي نه ڇڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو