اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ جي اڳواڻ اڪرام الله کي پٽ ۽ شاگرد سميت قتل ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. سندس نالو مفتي شاهد الرحمان ٻڌايو وڃي ٿو ۽ هو اورڪزئي ايجنسي جو رهاڪو آهي. هو بهاره ڪهو واري ساڳئي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو ۽ مفتي اڪرام الله اختلافن سبب کيس ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن تان ڪاوڙ ۾ اچي هن کين قتل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.










