جي بي وزير ڪرنل رٽائرڊ عبيدالله هٿياربندن هٿان اغوا

جي بي وزير ڪرنل رٽائرڊ عبيدالله هٿياربندن هٿان اغوا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گلگت بلتستان جي صوبائي وزير ڪرنل رٽائرڊ عبيدالله بيگ کي هٿياربندن اغوا ڪري ورتو.پوليس ذريعن موجب صوبائي وزير کي اسلام آباد کان گلگت اچڻ وقت بابوسر وٽان اغوا ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اغوا ڪندڙن پنهنجي جيل ساٿين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.صوبائي وزير ڪرنل رٽائرڊ عبيدالله پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي جي بي اي هنزه 6 تان چونڊجي ويو.گلگت بلتستان حڪومت جي اڳوڻي ترجمان فيض الله فراق جو چوڻ آهي ته منهنجي گلگت بلتستان جي وزير عبيدالله سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، صوبائي وزير جي آزادي لاءِ ڳالهيون جاري آهن، ڳالهين ۾ عالم ۽ بزرگ به شامل آهن. فيض الله فراق وڌيڪ چيو ته ٺڪ جل جي جاءِ تي ڳالهين جو آخري مرحلو هلي رهيو آهي ۽ مان ٺڪ جل جي جاءِ تي جرڳي ۾ موجود آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو