ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سياسي مخالفن جي تذليل جيتري پي ٽي آءِ ڪئي آهي هن ملڪ ۾ ڪنهن نه ڪئي آهي. اصل مسئلو ريحام خان جي ڪتاب آهي، عمران خان صرف مراد سعيد جي عزت بچائڻ جي لاءِ پوري ملڪ جي زبان بند ڪرڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن ڪراچي ۾ پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جو رهنماءَ نجمي عالم به هن سان گڏ هو. عمران خان جيڪو ڪنهن جي جنازي يا عيادت ڪرڻ نه ويندو آهي، پر هن چوڌري شجاعت جي 40 منٽ عيادت ڪئي. جهانگير ترين سان فون تي عيادت ڪئي ۽ ڪراچي اچي ڪري ايم ڪيو ايم يا جي ڊي اي وٽ وڃي رهيو آهي ته سمجهڻ گهرجي ته “ مختارا گل وڌ گئي هي”. ڪراچي کان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ شروع ڪيل تاريخي عوامي لانگ مارچ سموري سنڌ، سائوٿ ۽ سينٽرل پنجاب ۾ تاريخي استقبال ٿيو آهي، اهو ثابت ڪري ٿو ته عوام هاڻي عمران نيازي جي سليڪٽيڊ حڪومت کان بيزار آهي ۽ انشاء الله جلد ئي ان حڪومت مان نجات ملندي. ايندڙ ڏينهن هاڻي اپوزيشن جماعتن جا آهن. عمران نيازي ۽ هن جا نالائق وزير گهٻراهٽ کان وڌي ڪري بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن. جيڪا اڌ پاڳل ٿيڻ جي نشاني آهي. سعيد غني چيو ته سڀ کان پهريان مان پشاور ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو ۽ وفاق ڪي پي ڪي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته دهشتگردن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. هن چيو ته صحافي اطهر متين جي قاتلن ۾ ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هڪ قاتل کي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي. هن چيو ته اسان ان ڳالهه جي اطهر متين شهيد جي گهروارن ۽ پنهنجي صحافي برادري کي يقين ڏياريو هو ته سنڌ حڪومت ان ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏياريندي ۽ انشاءَ الله هاڻي گرفتار جوابدارن کي عدالتن مان سزا ملندي. سعيد غني چيو ته آءُ سنڌ جي ماڻهن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن هڪ طرف چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ڪڍيل عوامي لانگ مارچ جو سموري سنڌ ۾ ڀرپور استقبال ڪيو ۽ ان قافلي جو حصو بڻيا ۽ ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي جوڪر مارچ کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته آءُ شاهه محمود جي مريدن جو به شڪريو ڪريان ٿو جن جوڪر مارچ جو ساٿ نه ڏنو. سعيد غني چيو ته پنجاب حڪومت ۽ اتان جي پوليس طرفان مارچ جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ پنجاب ۾ روڊ بلاڪ ڪري قافلي کي ٽوڙڻ جي سازشن جو شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته هي سلسلو رحيم يار خان کان شروع آهي ۽ لاهور تائين جاري آهي. هن چيو آءُ مطالبو ڪريان ٿو ته پنجاب حڪومت ان عمل کي روڪي. هن چيو ته جيڪڏهن اهڙيون سازشون ٿينديون رهيون ته ورڪرن جو رد عمل اچي سگهي ٿو جيڪو مناسب عمل نه ٿيندو. سعيد غني چيو ته چيچه وطني ۾ قافلي جي آخري گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ويو اهو به قابل مذمت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گهوٽڪي کان شروع ڪيل جوڪر مارچ جي حيدرآباد آمد تي صورتحال اها هئي ته پي ٽي آءِ جي ليڊرن کي به ڪجهه سون جو مجموعو ڏسي ڪري شرم ٿيو هوندو ۽ ڪنهن به خطاب نه ڪيو پرهڪ نا اهل وزير ڳالهايو. هن چيو ته اڄ هي جوڪر مارچ ڪراچي پهچندو هتي به هنن جو ذلت ڀريو استقبال ٿيندو ۽ هنن پنهنجي عزت بچائڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم سان ڪرائي تي ڪارڪنن کي طلب ڪيو آهي پر مونکي اميد آهي ته ايم ڪيو ايم جا ليڊر هنن کان ڀلي مال وٺن پر هنن جي ڪارڪنن جيڪي هاڻي خود ايم ڪيو ايم جي جلسن ۽ ريلين ۾ نه ويندا آهن، هتي به نه ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن لانگ مارچ جا اثر حيدرآباد پهچڻ تي بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. انشاء الله اسلام آباد ويندا سين ته ان جا وڌيڪ اثرضرور ايندا.










