اسلام آباد(بيورو)جولاءِ لاءِ اسپاٽ ايل اين جي ڪارگوز جي خريداري لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن. جولاءِ جي مهيني لاءِ 4 ايل اين جي ڪارگوز جي خريداري لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن. اهي ٽينڊر پيٽروليم ڊويزن ڪمپني PLL پاران جاري ڪيا ويا آهن.ان حوالي سان پي ايل ايل جو چوڻ آهي ته مشهور عالمي ڪمپنيون 23 جون تائين بوليون جمع ڪرائي سگهن ٿيون، بوليون 23 جون تي کوليون وينديون. پي ايل ايل وڌيڪ چيو ته ايل اين جي جون بوليون 3 کان 4 جولاءِ ۽ 8 کان 9 جولاءِ تائين طلب ڪيون ويون آهن. پي ايل ايل پڻ چيو ته 25 جولاءِ 26 ۽ 30 جولاءِ کان 31 جولاءِ تائين سپلائي لاءِ بوليون طلب ڪيون ويون آهن.










