ڪراچي (ن س) قومي سياسي قيادت چيو آهي ته دستور آئين ۽ حقن لاءِ جنگ وڙهڻ ۾ بزرگ سياستدان سردار عطاءالله مينگل جو ڪوئي مٽ نه آهي ملڪ کي عطاءالله مينگل جهڙن بااصول سياستدانن جي ضرورت آهي آئيني طور تي جن کي سياست جو حق نه آهي اهي ملڪ ۾ سياست ڪري رهيا آهن اڄ به آئيني دائري ۾ رهي پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪرڻ جي اجازت نه آهي سياسي مفاد پرستي جي ڪري جمهوريت ڪمزور ٿي رهي آهي طئي ڪرڻو پوندو ته هاڻي ملڪ ۾ بالادستي آئين کي حاصل آهي يا رڳو ڪجهه طبقن کي، آئين جي بالادستي جو معاملو طئي ٿيڻ تائين مسئلا حل نه ٿيندا. چارٽر آف ڊيموڪريسي ۽ چارٽر آف اڪانومي کان اڳ سياست ۾ مداخلت جي روڪڻ جي چارٽر تي متحد ٿيڻو پوندو. بلوچستان جي ترقي جي دعويٰ هوا ۾ اڏائي وئي بلوچستان جي وسيلن تي مقامي حق تسليم ناهي ڪيو ويو اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل، مولانا فضل الرحمان، احسن اقبال، محمود خان اچڪزئي، جلال محمود شاهه، سينيٽر نثار کهڙو، اڳوڻو سپريم ڪورٽ بار جو صدر ياسين آزاد، علي احمد ڪرد، سينيئر صحافي مظهر عباس ۽ ٻين مقامي هوٽل ۾ سردار عطاءالله مينگل جي تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو مختلف سياسي پارٽين قومپرست اڳواڻن وڪيل سول سوسائٽي جي اڳاوڻن تعزيتي ريفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ جهوني سياستدان جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو صدارتي خطاب ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته اسان هڪ طبقي جا غلام آهيون ۽ آئين به رهندي به پنهنجي حقن جي ڳالهه نٿا ڪري سگهون ملڪ هلائڻ لاءِ سمورن ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو اسان مظلوم آهيون ۽ محروم به آهيون جيستائين مون کي اهو محسوس نٿو ڪرايو وڃي ته مان بااختيار آهيان منهنجي محرومي ختم نه ٿيندي هن چيو ته چيو وڃي ٿو ته بلوچستان ۾ ماڻهو وڙهي رهيا آهن پر اهو ڪوئي نٿو پڇي ته ڇو وڙهي رهيا آهن ٿنڪ ٽينڪر ڪڏهن اهو سوچين ٿا ته هي ڇو وڙهي رهيا آهن ڇا سپريم ڪورٽ ڪڏهن بلوچستان جي اشوز تي سوموٽو نوٽيس ورتو آهي هن چيو ته بلوچستان ۾ انگريزن جي وچايل ريلوي نظام کي اسان واڌ نٿا ڏئي سگهون اسان جي ترقي جو راز اهو آهي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي حڪمران اتحاد کي گڏ ويهڻ جي ضرورت آهي سياستيدانن جي مفاد پرستي سان جمهوريت ڪمزور ٿي آهي. هن چيو ته جيڪو سي پيڪ جو حامي آهي اهو آمريڪا جو دشمن ۽ مخالف ان جو دوست آهي اسان انڊيا سان واپاري تعلق جوڙيو ته ملڪي مفاد سامهون اچي ٿو ايران ۽ پاڪستان جي بهتر لاڳاپن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي پر انج ي اجازت نه آهي پرڏيهي پاليسي ملڪي مفاد لاءِ هئڻ گهرجي احسن اقبال خطاب ڪندي چيو ته سردا عطاءالله مينگل سياسي ڏاهپ جو سمنڊ هو هن سڄي ڄمار اصولن ۽ نظرين جي سياست ڪئي هي ملڪ جنهن جو ڊي اين اي بيلٽ هو ان کي بيلٽ جي رستي تان هٽايو ويو پاڪستان جي بيلٽ ۽ ووٽ جي تحريڪ کي ايوب خان رستي تان هٽايو طئي ڪرڻو پوندو ته هاڻي ملڪ ۾ بالادستي آئين کي حاصل آهي يا رڳو ڪجهه طبقن کي آئين جي بالادستي جو معاملو طئي ٿيڻ تائين مسئلا حل نه ٿيندا محمود خان اچڪز.ئي چيو ته سردار عطاءالله خان مينگل جي عظيم جدوجهد کي سلام اسان پاڪستان سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين اسان کي انصاف گهرجي خيرات نه. آئين کي کڻي ڦٽو ڪندڙ پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪن موجوده حالتن ۾ سينيٽ کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي جلال محمود شاهه چيو ته سردار عطاءالله خان مينگل جي سربراهي ۾ قومپرست جماعتن جو اعتماد پونم قائم ٿيو. اسان جي ٽئين نسل تائين ان جا لاڳاپا قائم هئا پاڪستان اڄ تائين فيڊريشن نه بڻجي سگهيو آهي جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته آئينده به هڪ قوم نه بڻجي سگهنداسين نثار کهڙو چيو ته سردار عطاءالله خان مينگل جمهرويت جو هيرو هو ون يونٽ جي خلاف جدوجهد ۾ عطاءالله مينگل ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هن چيو ته هر شعبي ۾ ملڪي ترقي جو واحد رستو آئين جي بالادستي ۾ آهي عوام ۽ عوامي نمائندن کي ڪمزور ڪري بدنام ڪرڻ جي جنگ هلي رهي آهي. پاڪستان ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه آهي قوم حقن جو تحفظ چاهي ٿي. چارٽر آف اڪانومي وقت جي ضرورت آهي. ياسين آزاد چيو ته سردار عطاءالله مينگل جيئن دستور آئين ۽ حقن جي جنگ وڙهي ان جو ڪوئي مٽ نه آهي بلوچن تي غداري جا الزام غلط ۽ بي بنياد آهن آئيني طور تي جنهن طاقت جو ملڪ ۾ سياست ڪرڻ جو حڪم نه آهي اها ئي سياست ڪري رهي آهي ان مان جند ڇڏائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي هڪ ايجنڊي تي اچڻو پوندو. سينيئر صحافي مظهر عباس چيو ته غلام عوام لاءِ عطاءالله مينگل پنهنجو سر قربان ڪيو جن ڇوڪرن کي اڄ باغي قرار ڏنو پيو وڃي هي باغي نه آهن 11 جماعتن جي حڪومت جي باوجود اڄ به چچريل لاش ملي رهيا آهن طالبان سان ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته هنن ماڻهن سان ڇو نه ان لاءِ عام معافي جو اعلان ڪيو وڃي.










