اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هو پارليامينٽ ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ تي ئي اقتدار ۾ ايندا.هڪ انٽرويو دوران عمران خان چيو ته قوم تباه ٿي ويندي آهي جڏهن ننڍا چور پڪڙجن ۽ وڏيرن کي آزاد ڪيو وڃي، جهانگير ترين ۽ عليم خان جو مقصد اقتدار ۾ اچڻ ۽ فائدو کڻڻ هو.هن چيو ته عليم خان کي اميد هئي ته مان پنهنجي زمين کي قانوني قرار ڏيندس، عليم خان راوي تي 300 ايڪڙ زمين خريد ڪري ان کي قانوني شڪل ڏيڻ چاهي ٿو، اتان ئي عليم خان ۽ منهنجي وچ ۾ فاصلا پيدا ٿي ويا.جهانگير ترين بابت ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سندس مسئلو چيني بحران هو جنهن تي ڪميشن جوڙي وئي، جهانگير ترين انهن سان گڏ بيٺو جيڪي ملڪ جا سڀ کان وڏا ڊڪٽي آهن، ترين سان اختلاف هئا. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ادارن ۾ ڪرپٽ نظام جا مفاد پرست آهن، اسان جي ادارن ۾ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي انهن جي حمايت ڪن ٿا.هن چيو ته اڪثريت نه هجڻ سبب اسان قانون سازي نه ڪري سگهياسين، پارليامينٽ ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ تي ئي اقتدار ۾ اينداسين.آمريڪا سان لاڳاپن تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته آمريڪا کي هاڻي پاڪستان ۾ پنهنجي موجودگي جو پتو پئجي ويو آهي، آمريڪي جنگ ۾ اسان جا 80 هزار ماڻهو مارجي ويا، آزاد پرڏيهي پاليسي جو مطلب آمريڪا مخالف ناهي.موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هن وقت ڪابينا ۾ شامل 60 سيڪڙو ماڻهو ضمانت تي آهن، قوم تي مسلط ڪيو ويو.هن چيو ته مون ڪڏهن به عدليه ۾ مداخلت ناهي ڪئي پر جن 20، 25 ڪروڙ رپين سان حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، انهن خلاف اڄ تائين ڪنهن به عدالت ڪارروائي ناهي ڪئي، نه ئي ڪا ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.عمران خان چيو ته اسان اليڪشن هارائي به وڃون پر ذاتي فائدي لاءِ سياست ڪرڻ وارن کي ٽڪيٽ نه ڏينداسين، اسان جو نظام اهڙو آهي جو سينيٽ چونڊن ۾ پئسا خرچ ڪيا وڃن پر ان کي ڇڏي ڏنو ويو.










