جهاد واحد رستو آهي، فوج ڪشمير ۾ داخل ٿي آزادي ڏياري، محنتي

جهاد واحد رستو آهي، فوج ڪشمير ۾ داخل ٿي آزادي ڏياري، محنتي

جيڪب آباد(عبدالنبي شيخ) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته پاڪستاني فوج کي والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ جي ضرورت آهي پاڪستاني عوام ساڻن گڏ آهي.اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪشمير جي صورتحال انتهائي سنگين ٿي وئي آهي، ڀارتي فوج گذريل 78 ڏينهن کان والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو لڳائي ماڻهن کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ۽ جڏهن اتان جا ماڻهو همٿ ڪري ٻاهر اچن ٿا ته ڀارتي فوج انهن مٿان فائرنگ ڪري انهن جا لاش ڪيرائي رهي آهي ۽ پيلٽ گنس سان انهن مٿان حملا ڪري رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته 72 سالن جي اسٽوري ٻڌائي رهي آهي ڀارت ڪڏهن به ڳالهين ذريعي مسئلو حل نه ڪندو  اسان وٽ صرف جهاد جو هڪڙوئي رستو بچيو آهي جيئن ڀارتي فوج مشرقي پاڪستان ۾ داخل ٿي بنگلاديشن کي جبري طور اسان کان الڳ ڪيو اهڙي طرح پاڪستاني فوج به والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿي انهن کي آزاد ڪرائي.  هن چيو ته دنيا جي عالمي فورم  اقوام متحده ۾ پاڪستان آواز اٿاريو پر انهن والاريل ڪشمير جي مسلمانن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، هن چيو ته انڊونيشيا ۽ سوڊان جا مسئلا اقوام متحده فوري طور حل ڪرايا پر ڪشمير جي لاءِ 1947 ۽ 48 ۾ صرف ٻه قراردادون پاس ڪرايون آهن، هن چيو ته اقوام متحده ۽ عالمي ادارن انصاف جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عمران خان جمهوريت جا گهڻا گيت ڳايا آهن، عمران خان کي گهرجي ته مولانا کي آزادي مارچ ڪرڻ ڇڏي انهن کي ڪنٽينر ۽ کاڌو پيتو ڏيڻ گهرجي، جماعت اسلامي اخلاقي طور تي مولانا سان گڏ آهي، ان موقعي تي جماعت اسلامي جا اڳواڻ امداد الله بجاراڻي، ضلعي امير ديدار علي لاشاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو