بيروت (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج پاران جنگ بندي معاهدي جي سخت خلاف ورزي جاري آهي، حزب الله سان جنگ بندي معاهدو لاڳو ٿيڻ جي باوجود اسرائيلي فوج جا لبنان تي حملا جاري آهن، لبنان جي ڏکڻ واري علائقي ۾ ڊرون حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد (فوت) ٿي ويا.ياد رهي ته اسرائيل ۽ حزب الله جي وچ ۾ لبنان ۾ جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي، جيڪو مقامي وقت موجب شام 4 وڳي کان لاڳو ٿي چڪو آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب هي معاهدو آمريڪا ۽ قطر جي ثالثي سان طئي ٿيو، جنهن ۾ آمريڪا اسرائيل سان جڏهن ته قطر ايران سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
حزب الله سان جنگبندي جي اعلان بعد اسرائيلي حملن ۾ 32 لبناني مارجي ويا، هرمز وري بند
لبنان ۾ اسرائيلي حملن سبب گهٽ ۾ گهٽ 32 ماڻهو مارجي ويا آهن، جنهن سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري اهي ڳالهيون متاثر ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، جن جو مقصد نازڪ امن معاهدي کي مضبوط بڻائڻ آهي. پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ڇنڇر تي چيو ته هن هفتي ٿيل مفاهمتي يادداشت (MoU) کان پوءِ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ فالو اپ ڳالهيون آچر تي سوئٽزرلينڊ جي برگن اسٽاڪ ۾ ٿينديون. انهن ڳالهين ۾ آمريڪي ۽ ايراني نمائندا شرڪت ڪندا، جڏهن ته پاڪستان ۽ قطر جا ثالث پڻ موجود هوندا. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته هو جلد ئي ايران سان ڳالهين لاءِ سوئٽزرلينڊ جو دورو ڪندو. فاڪس نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو: “اميد آهي ته آئون ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر روانو ٿيندس، پر سفارتي پروٽوڪول ۽ هم آهنگي هميشه حساس معاملو هوندو آهي.” هن ٻڌايو ته آمريڪي ڳالهيون ڪندڙ اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر اڳ ئي سوئٽزرلينڊ ۾ موجود آهن ۽ ڳالهين جي ڪجهه فني معاملن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هفتي جي شروعات ۾ اهي ڳالهيون ملتوي ٿي ويون هيون. لبنان ۾ اسرائيل جي جاري حملن سبب شڪ پيدا ٿيو ته شايد ايران جا نمائندا ڳالهين ۾ شرڪت نه ڪن. بهرحال، ايران جي سرڪاري ٽي وي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي حوالي سان ٻڌايو ته ايراني ڳالهيون ڪندڙ وفد سوئٽزرلينڊ روانو ٿيندو. اها صورتحال ان بعد سامهون آئي جڏهن فيلڊ مارشل جي نمائندي جي حيثيت ۾ گهرو وزير محسن نقوي تهران پهتو ۽ ايراني قيادت کي سوئيزرلينڊ ملاقات لاءِ راضي ڪيو. جي ڊي وينس موجب اعليٰ سطحي ڳالهيون آچر تي ئي شروع ٿي سگهن ٿيون. هن اهو به چيو ته کيس يقين آهي ته واشنگٽن موجوده جنگبندي کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهندو، ڀلي عملدرآمد بابت ڪي اختلاف موجود هجن. ٻئي طرف، ڇنڇر تي ايران اعلان ڪيو ته لبنان ۾ اسرائيلي حملن جي جواب ۾ هن هرمز کي جهازن جي آمدرفت لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي. ايران جو چوڻ آهي ته اهي حملا وچ اوڀر ۾ جنگ ختم ڪرڻ بابت آمريڪا سان ٿيل معاهدي جي خلاف ورزي آهن. ايراني سرڪاري ٽي وي تي نشر ڪيل بيان ۾ خاتم الانبيا مرڪزي هيڊڪوارٽر چيو: “هرمز مان جهازن جي آمدرفت بند ڪئي وڃي ٿي. هي پهريون قدم دشمن جي وعدي خلافي جو جواب آهي. اسرائيل ۽ ايران جي حمايت يافته تنظيم حزب الله وچ ۾ جنگبندي شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪن بعد لبنان تي اسرائيلي هوائي ۽ ڊرون حملن رٿيل آمريڪا-ايران ڳالهين کي پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب، اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ نئين دور جون ڳالهيون 23 ۽ 25 جون تي واشنگٽن ۾ ٿينديون.
خاص نمائندو اسٽيو ووٽڪوف ايران سان جوهري ڳالهين لاءِ سوئٽزرلينڊ وڃي رهيو آهي: آمريڪي نيوز ويب سائيٽ
آمريڪي نيوز ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ٽرمپ جو خاص نمائندو اسٽيو ووٽڪوف ايران سان جوهري (نيوڪليئر) ڳالهين لاءِ سوئٽزرلينڊ وڃي رهيو آهي. آمريڪي نيوز ويب سائيٽ جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ جو ناٺي جيرڊ ڪشنر اڳ ئي سوئٽزرلينڊ ۾ موجود آهي. ان کان اڳ گذريل ڏينهن طئي ٿيل پروگرام موجب برجنسٽاڪ ۾ آمريڪا ايران ڳالهيون منسوخ ٿي ويون هيون، جنهن کانپوءِ آمريڪي نائب صدر جي سوئٽزرلينڊ روانگي ملتوي ڪئي وئي هئي. وائيٽ هائوس چيو هو ته ايران آمريڪا ياداشت نامي (ايم او يو) تي عملدرآمد بابت شروعاتي ڳالهين لاءِ نائب صدر جي ڊي وينس سوئٽزرلينڊ روانو نه ٿيندو. سوئس پرڏيهي وزارت به بيان جاري ڪندي چيو هو ته جمعي تي طئي ٿيل پروگرام موجب برجنسٽاڪ ۾ آمريڪا ايران ڳالهيون نه ٿينديون.
دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج اسان وٽ آهي، آمريڪا ايران ۾ سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو: صدر ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج اسان وٽ آهي، آمريڪا ايران ۾ سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ ٻڌايو ته هن چين جو شڪريو ادا ڪيو ڇاڪاڻ ته ان ايران جي معاملي ۾ مداخلت نه ڪئي، جيتوڻيڪ چين جي توانائي جي ضرورتن جو وڏو حصو هرمز جي پٽي (آبنائي هرمز) تان ايندڙ تيل تي منحصر آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آئون چين جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ڇاڪاڻ ته مون چين کي چيو هو ته هو ايران جي معاملي ۾ شامل نه ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته چين پنهنجي تقريبن 50 سيڪڙو تيل جون ضرورتون هرمز جي پٽي تان پوريون ڪري ٿو، ان جي باوجود چيني صدر شي جن پنگ هن تڪرار کان پري رهڻ تي اتفاق ڪيو. ٽرمپ موجب مون شي جن پنگ کي چيو ته هو هن معاملي ۾ شامل نه ٿئي ۽ هن چيو ته هو شامل نه ٿيندو ۽ واقعي هو شامل نه ٿيو. هن اها ڳالهه تمام سٺي انداز ۾ ڪئي ۽ آئون ان جي قدر ڪريان ٿو. ان کانسواءِ ٽرمپ ميري لينڊ ۾ قطر پاران تحفي ۾ ڏنل نئين ايئر فورس ون (پيلوٽ جهاز) جي نقاب ڪشائي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا تازو ئي ڪيتريون ئي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته توهان ڏسندؤ ته تيل جون قيمتون تمام گهڻو هيٺ اچي وينديون، اميد آهي ته ڪمپنيون ان مان خوش ٿينديون. ٽرمپ وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج اسان وٽ آهي. توهان اهو ايران ۾ ڏٺو، تقريبن هڪ هفتي ۾ اسان سندن پوري بحريا (نيوي)، پوري فضائيه (ايئر فورس) ۽ ريڊار سسٽم کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو. اسان سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو.










