جنرل اسٽور مالڪ ۽ گراهڪ ۾ جهيڙو، جوابدار گرفتار

جنرل اسٽور مالڪ ۽ گراهڪ ۾ جهيڙو، جوابدار گرفتار

جروار(محمد بخش گبول) جنرل اسٽور جي مالڪ ۽گراهڪ ۾ ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن سبب دوڪاندار رميش ڪمار زخمي ٿي پيو ۽ ڌڪ هڻندڙ جوابدار سعيد بوزدار موقعي تي فرار ٿي ويو. جروار پوليس خانپور مهر روڊ جي ناڪابندي ڪري جوابدار سعيد بوزدار کي گرفتار ڪري ورتو. ان موقعي تي سعيد بوزدار ٻڌايو ته مان رميش ڪمار کان ٻھ ڏينهن ٻار جي جُتي وٺي ويو هيس اها ننڍي هجڻ سبب مٽائڻ آيو هوس ته دوڪاندار جُتي واپس نه پيو وٺي جنهن تان جهيڙو ٿي پيو ,ٻئي پاسي دوڪاندار رميش ٻڌايو ته خبر ناهي هو جُتي ڪٿان وٺي ويو هو پر بدلائڻ لاءِ مون وٽ آيو مان انڪار ڪيو ته هن مون مٿان حملو ڪري ڏنو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو