جن وٽ اقتدار آهي اهي سياسي عدم استحڪام کي روڪي سگهن ٿا: عمران خان

جن وٽ اقتدار آهي اهي سياسي عدم استحڪام کي روڪي سگهن ٿا: عمران خان

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته هڪ طرف مهانگائي وڌي رهي آهي ته ٻئي طرف معيشت ڪمزور ٿي رهي آهي، آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب بجلي مهانگي ٿيڻ واري آهي.پنهنجي خطاب ۾ عمران خان چيو ته اڄ هن ملڪ جي معاشي صورتحال تي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، موجوده حڪومت جي ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ ڪا به ساک ناهي.عمران خان چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف جا سمورا شرط مڃيا، مهانگائي ۾ تاريخي گهٽتائي ڪئي وئي، سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪي معيشت بحال نٿي ٿي سگهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام باوجود رپئي جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي، چونڊن ۾ دير سان پاڪستان کي ئي نقصان ٿيندو.عمران خان چيو ته انشاءَ الله ايندڙ مهيني 70 ورهين جو ٿي ويندس، اڄ تائين پاڪستان تحريڪ انصاف جيتري مقبوليت ڪنهن پارٽي کي ناهي ملي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي ڪابينا جا 60 سيڪڙو ميمبر ضمانت تي آهن، موجوده حڪومت ملڪ بابت سوچڻ بدران پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ ۾ مصروف آهي.عمران خان چيو ته موجوده حڪومت چوي ٿي ته ڏکيائي سان پاڪستان مليو آهي، بارودي سرنگون آهن، هن حڪومت وٽ ٻوڏن کي منهن ڏيڻ جو ڪو به پلان ناهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جن وٽ اقتدار آهي اهي سياسي عدم استحڪام کي روڪي سگهن ٿا، پاڪستان کي دلدل مان ڪڍڻ لاءِ جلد شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو