جمهوريت جي اميد عمران خان آهي، فواد

جمهوريت جي اميد عمران خان آهي، فواد

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته بلاول ۽ مريم کي پاڪستان جو اڳواڻ مڃڻ جمهوريت جي منهن تي چماٽ هڻڻ جي برابر آهي.پاڪستان ۾ جمهوريت جي اميد عرمان خان آهي. فواد چوڌري قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 ڊسڪه جي ننڍي چونڊ جا نتيجا سامهون اچڻ کان پوءِ ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي چيو ته نوازشريف جو ڪوبه نظريو نه آهي نه ئي(ن) ليگ ڪا نظرياتي پارٽي آهي. هڪ ڊگهي وقت تائين اقتدار ۾ رهڻ سبب هي مفاداتي ٽولو بڻجي ويو آهي. هنن کي نظرياتي اڳواڻ نٿو چئي سگهي.ڊسڪه ۾(ن) ليگ ناهي کٽي تحريڪ انصاف کي شڪست ملي آهي ان جا سبب آهن جنهن جي طرف مان اڳ ئي ڌيان ڏياريندو رهيو آهيان. وفاقي وزير هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي اميد عمران خان آهي ان جي مقابلي ۾ ڪوبه سياسي اڳواڻ نه آهي.بلاول ۽ مريم کي پاڪستان جو اڳواڻ مڃڻ جمهوريت جي منهن تي چماٽ هڻن جي برابر هوندو. تحريڪ انصاف کي پنهنجون صفون صحيح ڪرڻيون پونديون. هن ملڪ جو مستقبل تحريڪ ۽ انصاف ۽ عمران خان جي ڪاميابي سان سلهاڙيل آهي.واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 ڊسڪه جي ننڍي چونڊ ۾ مسلم ليگ(ن) حڪومتي پارٽي کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو