جماعت اسلامي جو ميئر اڻڻ لاءِ پي ٽي آءِ سان رابطو

جماعت اسلامي جو ميئر اڻڻ لاءِ پي ٽي آءِ سان رابطو

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ تحريڪ انصاف کان حمايت گهري ورتي، حافظ نعيم جي سربراهيءَ ۾ جماعت اسلامي وفد جي انصاف هائوس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ملاقات دوران ٻنهي جماعتن پاران مينڊيٽ جي تحفظ لاءِ 4 رڪني ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي جماعتن جي گڏيل ڪميٽي نتيجن ۾ ڦيرڦار ۽ ووٽن جي چوري وارن معاملن جو جائزو وٺندي ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته پيپلزپارٽي ميئر آڻڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي، تحريڪ انصاف جماعت اسلامي جو ميئر آڻڻ لاءِ اسان جي مدد ڪري پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي چيو ته 40 يوسيز ۾ پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي، گڏيل ڪميٽي ذريعي چوري ٿيل ووٽن جي جاچ ڪرائينداسين، مينڊيٽ جي چوريءَ جي جاچ ڪرائڻ بعد ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي مقرري بابت ڳالهيون ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو