ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران حق ۽ باطل وچ ۾ پهرين معرڪي يومِ بدر17 رمضان المبارڪ جو ڏهاڙو ڪراچي کان ڪشمور تائين ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، يومِ بدر جي سلسلي ۾ رٿيل ميڙاڪن کي جماعت اسلامي جي مرڪزي، صوبائي، ضلعي اڳواڻن کان علاوه عالم سڳورن، دانشور ۽ ادبين خطاب ڪندي غزوه بدر جي معرڪي ۽ نبيﷺ جن جي جانثارن جي ايمان افروز جدوجهد تي روشني وڌي، مقررين امت مسلمه جي بي حسي، غيرن جي يلغار ۽ اسلام جي غلبي لاءِ امت مسلم جي اندر هڪ ڀيرو ٻيهر غزوه بدر واري جذبي کي بيدار ڪرڻ تي زور ڏنو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 17 رمضان المبارڪ جو ڏهاڙو تاريخ جو اهو عظيم ڏينهن آهي جڏهن الله تعالى پنهنجي نصرت ذريعي مسلمانن کي کُليل فتح سان نوازيو ۽ حق و باطل جي وچ ۾ فرق کلي ڪري سامهون اچي ويو، الله تعالى جي مدد جي نتيجي ۾ بدر جي ميدان ۾ 313 مسلمانن وقت جي سُپرطاقت کي شڪست ڏئي اهو ثابت ڪيو ته جيڪڏهن ايمان مضبوط ۽ الله تي ڀروسو پُختو هجي ته جديد اسلحي سان ليس پاڻ کان ٻيڻ تي وڏي طاقت کي به شڪست ڏئي سگهجي ٿي. جنگيون رڳو جديد اسلحي جي زور تي نه بلڪه ايمان ۽ ڪامل يقين سان به کٽجي سگهجن ٿيون، دنيا جي تاريخ ۾ بدر جي جنگ جو تاريخي اهميت آهي جتي ايمان سان لبريز ٿورڙن مجاهدن پاڻ کان ٽيڻ تي وڌيڪ طاقتور فوج کي شڪست فاش ڏئي ڇڏي هئي. هوڏانهن مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو ڪراچي ۾ يومِ بدر جي اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته يومِ بدر جو ڏهاڙو ڪفر جي حڪومت ۽ طاقت جي خاتمي توڙي اسلامي حڪومت جي قيام جو ڏهاڙو آهي، حضورﷺ مديني ۾ جيڪا اسلامي حڪومت قائم ڪئي هئي ابوجهل جو حملو ان ننڍڙي اسلامي رياست جي خاتمي لاءِ هو، پاڻ صه جن پنهنجي جانثار صحابين سان بدر جي ميدان ۾ نڪري ڪافرن جو مقابلو ڪيو ۽ اها ڳالهه ثابت ڪئي ته نماز ۽ روزي سان گڏ اسلامي حڪومت جو قيام به ضروري آهي جنهن لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏيڻا ٿا پون.پاڪستان ۾ 74 سال گذري وڃڻ جي باوجود اسلامي نظام نافذ ناهي ٿي سگهيو، سابقه ۽ موجوده حڪومتون انتخابي اصلاحات جي ڳالهه ته ڪن ٿيون پر اسلامي نظام ۽ اسلامي پاڪستان لاءِ خاموش آهن. صوبائي امير محمد حسين محنتي مٽياري ۾ رٿيل يومِ بدر جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته افغانستان ۾ امريڪي قيادت ۾ جديد هٿيان سان ليس نيٽو جي فوج جي شڪست ۽ معمولي هٿيارن، پر ايمان جي طاقت سان ليس طالبان مجاهدين جي فتح اسلامي حڪومت اڄ جي دور ۾ غزوه بدر جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي، يومِ بدر جو ڏهاڙو حق ۽ باطل وچ ۾ فرق ڪرڻ ۽ اهو عظيم ڏهاڙو آهي جڏهن الله تعالى اسلام جي دشمنن کي شڪست ۽ حق جي واٽ تي هلڻ وارن مجاهدن کي پهرين فتح نصيب فرمائي جنهن ۾ ڪافرن جي وڏي لشڪر کي ايمان جي جذبي سان ليس مجاهدن ايماني طاقت سان شڪست ڏني، بدر جي جنگ کان اڄ تائين ڪفر ۽ اسلام وچ ۾ ڪشمڪش جاري آهي، ڪشمير، فلسطين، مصر، بنگلاديش کان افغانستان تائين حق جي واٽ تي هلڻ وارا مسلمان لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن ۽ يومِ بدر جو ڏهاڙو سندن لاءِ ايمان ۽ حوصلي جو پيغام آهي. اڄ امت کي هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳيو جذبو بيدار ڪرڻ جي ضرورت آهي، 313 مجاهدن ڪافرن جي هڪ هزار واري لشڪر کي شڪست فاش ڏني هئي. صوبائي نائب امير ممتاز حسين سهتو گُڊو ڪنڌڪوٽ ۾ يومِ بدر جي حوالي سان رٿيل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته يومِ بدر جو اسلامي تاريخ ۾ وڏو مقام آهي، هڪ پاسي ننڍڙي اسلامي رياست ۽ جماعت سڳوري هئي ته ٻئي پاسي قيصر روم جي اتحادي ڪفار جي وڏي فوج جنهن کي مديني جي معمولي رياست ۽ حضور صه جي خاتمي لاءِ موڪليو ويو هو، بدري مجاهدن ابوجهل ۽ سندس سردارن کي بدر جي ميدان ۾ قتل ڪري اها ڳالهه ثابت ڪئي ته جنگيون تعداد ۽ هٿيارن جي زور تي نه بلڪه ايمان جي زور تي وڙهيون۽ کٽيون وينديون آهن، الله جي مدد به تڏهن ايندي آهي جڏهن مجاهد گهرن مان نڪري بدر جي ميدان ۾ اچن. جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ دادو ۾ اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته 17رمضان المبارڪ جي ڏهاڙي تي الله تعالى مجاهدين اسلام کي پنهنجي نصرت ذريعي عظيم فتح ۽ باطل کي شڪست ڏني، مجاهدن بدر جي ميدان ۾ 313 جي انگ ۾ ان وقت جي سُپر پاور کي شڪست ڏئي اهو ثابت ڪيو ته جنگيون زور بازو ۽ هٿيارن جي زور تي نه بلڪه ايمان جي طاقت سان کٽيون وينديون آهن. هوڏانهن مرڪزي نائب امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي ٽنڊوآدم، پروفيسر نظام الدين ميمڻ شهدادڪوٽ، حافظ نصرالله عزيز لطيف آباد، مجاهد بلوچ،عبدالقدوس احمداڻي حيدرآباد، افضِال آرائين ڪنري، علامه حزب الله جکرو ڪراچي ۾ رٿيل ميڙاڪن کي خطاب ڪيو…#










