جماعت اسلامي پاران حڪومت خلاف تحريڪ جو اعلان

جماعت اسلامي پاران حڪومت خلاف تحريڪ جو اعلان

سوات(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي حڪومت خلاف تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو، امير جماعت اسلامي سراج الحق جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ سليڪشن بدران صاف ۽ شفاف چونڊن جي ضرورت آهي، هن ملڪ جي بدقسمتي آهي ته هتي عهدن لاءِ سينيٽرن ۽ اسيمبلي جي ميمبرن کي خريد ڪيو پيو وڃي. سوات ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ هو ته 9 سالن دوران ڪي پي ڪي ۾ ڪجهه به ناهي بدليو، خيبرپختونخواهه بدامني ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار آهي، عوام کي ڪنهن به قسم جو تحفظ ناهي ملي سگهيو.سراج الحق وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ عوام لاءِ ناهن، اڄ کان اسان موجوده حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت جي ڪري غريب ماڻهو تباهه ٿي رهيا آهن.جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته حڪمرانن کي قومي مسئلن ۽ غريبن جو ڪو به احساس ناهي، موجوده حڪومت ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ وڙهي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو