ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ طرفان 8 مارچ تي اڄ حيدرآباد ۾ سنڌ زراعت ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي. ڪانفرنس ۾ سموري سنڌ مان آبادگار توڙي زرعي ماھر سنڌ ۾ زراعت جي صورتحال درپيش مسئلا ۽ ان جي حل جي حوالي سان سفارشون جوڙيندا. ڪانفرنس منجهد ٻہ وڳي مقامي ھوٽل ۾ منعقد ٿيندي. جڏھن تہ مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ ، محمد حسين محنتي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ خطاب ڪندا.










