جماعت اسلامي سنڌ جي وحدت تي يقين رکي ٿي: محمد حسين

جماعت اسلامي سنڌ جي وحدت تي يقين رکي ٿي: محمد حسين

ڪراچي اسٽاف رپورٽر )جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آھي تہ جماعت اسلامي سنڌ جي وحدت تي يقين رکي ٿي،ڪجهه قوتون شھري ۽ ٻھراڙي سنڌ جي نالي تي عوام وڙھايو ۽ حڪومت ڪريوجي پاليسي تي عمل پيرا آھن انڪري سنڌ جي تقسيم واري سازش ڪڏھن بہ ڪامياب ڪونہ ٿيندي.پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺاھيو ويو بدقسمتيءَ سان هتي ھڪ ڏينھن لاءِ بہ ان تي عمل ڪونہ ٿيو آھي.ملڪ عملي طور کنڊ اٽي چورسميت مافياز جي حوالي آھي.جهنگ ۽ ڏاڍو سو گابو وارو قانون موجود آھي.جنھن جي ڪري غريب ماڻھو جي جيئرو رھڻ بہ مشڪل ٿي ويو آھي.اھڙن خيالن جو اظھار هن قباء آڊيٽوريم ۾ سنڌ جي ضلعي عھديدارن کي خطاب دوران ڪيو .جماعت اسلامي جي صوبائي اڳواڻ سنڌ سميت ملڪ مسنگ پرسن جي تعداد ۾ مسلسل اضافي تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو تہ گذريل مھيني ۾157جڏھن تہ ٽوٽل ملڪ ۾ گم شدہ ماڻھن جو تعداد 9893 ٿي چڪو آھي جيڪو جمھوريت جي دعويدار حڪمرانن جي لاءِ لمحہ فڪريہ آھي جيڪڏھن ماڻھو مٿان ڪوبہ جرم آھي تہ ان کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي . ماڻھن کي کنڀي گم ڪرڻ جهنگ جو قانون ۽ رياست ماءُ واري تصور جي بالڪل ابتڙ آھي .ان موقعي تي سموري سنڌ مان شريڪ ضلعي اميرن ملٽي ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ضلعي جي 6 مھينن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. اجلاس ۾ ناظم انتخابات ممتاز حسين سھتو چونڊن جي تيارين، عبدالحفيظ بجاراڻي اقليتي امور جي رپورٽ پيش ڪئي جڏھن تہ جي آئي يوٿ پاڪستان جي جنرل سيڪريٽر ي شاھد نويد ملڪ پڻ خطاب ڪيو .اجلاس جي آخر ۾ سرھاڙي ريلوي حادثي ۽ باجوڙ سانحي جي شھيدن جي مغفرت لاءِ پڻ دعا ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو