ملتان(ويب ڊيسڪ)اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سڀاڻي ملتان ۾ جلسو هر صورت ۾ ڪيو ويندو. هن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته رڪاوٽون ٽوڙي اڳتي وڌو، جيڪڏهن ڏنڊا بردار پوليس فورس اوهان کي روڪي ته اوهان به ڏنڊي جو جواب ڏنڊي سان ڏيو. ملتان ۾ پي ڊي ايم قيادت سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم پاران سڄي ملڪ ۾ ريلين جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪارڪنن جي آمد جاري آهي.هن چيو ته حڪومت رياستي دهشتگردي تي اچي وئي آهي پي ڊي ايم سان تعلق رکندڙ پارٽين جا ڪارڪن گرفتار ڪيا پيا وڃن جنهن جي سخت لفظن ۽ مذمت ڪئي وڃي ٿي هن وڌيڪ چيو ته سڀاڻي جو جلسو هر حالت ۾ ٿيندو ۽ هڪ عظيم عاليشان جلسو ٿيندو جيڪڏهن ڪا طاقت جلسي کي روڪي ٿي ته ماڻهن جو سيلاب ان کي لوڙهي ويندو ۽ ٻوڙي ڇڏيندو.پي ڊي ايم سربراهه ڪارڪنن کي رڪاوٽون ٽوڙي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن پوليس لٺيون ۽ ڍنڊا استعمال ڪري رهي آهي ته ڪارڪن به پوليس تي لٺيون ۽ ڍنڊا استعمال ڪن.هن چيو ته پي ڊي ايم جنوري ۾ لانگ مارچ لاءِ چيو هو ، پر لڳي ٿو ته حڪومت چاهي ٿي ته اسان جلد لانگ مارچ ڪريون. ياد رهي ته پي ڊي ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين کان پوءِ پي ڊي ايم اڳواڻ به حرڪت ۾ اچي ويا آهن. ملتان ۾ مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي هيٺ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني، انس نوراني، رانا ثناءُالله ۽ ساجد مير سميت ٻيا اڳواڻن شرڪت ڪئي.پي ڊي ايم اڳواڻن حڪومت طرفان ملتان ۾ 40 سياسي ڪارڪنن جي پوليس سان چڪرين کان پوءِ ٿيندڙ گرفتارين جي مزمت ڪئي اجلاس ۾ حڪومتي قدمن بابت جوابي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي .پوليس اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي قاسم گيلاني کي به گرفتار ڪيو جنهن جي خلاف 30 ڏينهن جي نظربندي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.ان کان علاوه پوليس طرفان 300 سياسي ڪارڪنن جي خلاف به ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي.










