جعفر ڀٽو بازياب نه ٿي سگهيو، وارثن جو احتجاج

جعفر ڀٽو بازياب نه ٿي سگهيو، وارثن جو احتجاج

خيرپور (ن س)معصوم جعفر ڀٽو بازياب ناهي ٿي سگهيو ايس ايس پي خيرپور طرفان ٽن ڏينهن واري ورتل مهلت ختم ٿي وئي قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر نذير کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل لانگ مارچ ڊي آء جي آفيس سکر اڳيان احتجاج لاء روانو لانگ مارچ ۾ معصوم جعفر ڀٽو جي بازيابي لاء مرد ۽ عورتون وڏي تعداد ۾ شامل رپورٽ موجب هنڱورجا مان چئن ورهن جو معصوم جعفر ڀٽو 21 مارچ کان ڪن نامعلوم ڏوهارين وٽ يرغمال آھي جنهن جو ڪوئي پتو نه پئجي سگهيو آھي ايس ايس پي خير پور معصوم جعفر جي بازيابي لاء ٽن ڏينهن جي مهلت گهري هئي جيڪا ختم ٿي وئي پر معصوم جعفر ڀٽو بازياب نه ٿي سگيهو آھي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائندي ڊاڪٽر نذير کوکر چيو ته معصوم جي اغوا کي ڪافي ڏينهن گذري ويا آھن پوليس ڪجه به ناهي ڪيو اڳ ۾ اسان احتجاج ڪيو ته ايس ايس پي خود اچي ٽن ڏينهن جي مهلت گهري جيڪا ختم ٿي وئي پر معصوم جعفر واپس نه ٿيو هاڻي اسان ڊي آء جي آفيس سکر اڳيا ڌرڻو هڻڻ لاء پيادل مارچ ڪري وڃي رهيا آھيون ان وقت تائين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين جيسيتائين اسان کي معصوم جعفر ڀٽو بازياب ٿي نه ملندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو