اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف جڊيشل ڪائونسل ۾ ملڪيتن بابت ريفرنس داخل ڪيو ويو. ميان دائود ايڊووڪيٽ طرفان ريفرنس سيڪريٽري سپريم جڊيشل ڪائونسل ڏانهن اماڻيو ويو آهي. ريفرنس ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ جي جج ۽ سندس خاندان جي اثاثن جي جاچ ڪئي وڃي، ريفرنس ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي اثاثن جي جاچ ڪري، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي اثاثن جي جاچ ڪئي وڃي. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي وٽ فيڊرل ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي ۾ هڪ ڪنال جو پلاٽ آهي.ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سپريم ڪورٽ هائوسنگ سوسائٽي ۾ هڪ ڪنال جو پلاٽ، گلبرگ 3 لاهور ۾ 2 ڪنال 4 مرلي جو پلاٽ، سينٽ جان پارڪ لاهور ڪينٽ ۾ 4 ڪنال جو پلاٽ، گوجرانوالا الائيڊ پارڪ اثاثن ۾ شامل آهي. اڻ اعلانيل پلازا به شامل آهي، ريفرنس ۾ الزام آهي ته جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي 2021ع ۾ 3 ڀيرا سالياني ريٽرن ۾ ترميم ڪئي، گوجرانوالا ڊي ايڇ اي ۾ گهر جي قيمت کي ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ ريٽرن ۾ ترميم ڪئي وئي، پهرين قيمت 47 لک پوءِ 6 ڪروڙ ۽ پوءِ 72 ڪروڙ ظاهر ڪئي وئي










