اسلام آباد (بيورو رپورٽ): سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس مسرت هلالي پنهنجي عهدي تان ريٽائر ٿي وئي آهي، جنهن جي اعزاز ۾ فل ڪورٽ ريفرنس منعقد ڪيو ويو.سپريم ڪورٽ پرنسپال سيٽ تي 9 جج فل ڪورٽ ريفرنس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. فل ڪورٽ ريفرنس دوران اٽارني جنرل منصور عثمان جو نياپو ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان پڙهي ٻڌايو. اٽارني جنرل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته جسٽس مسرت هلالي پشاور هائيڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس رهي، جنهن فوجي عدالتن ۾ سويليئنز جو ٽرائل روڪڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو هو ۽ انٽرا ڪورٽ اپيل دوران فيصلي کي معطل ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي.ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار جي صدر چيو ته جسٽس مسرت هلالي جو عدالتي سفر اڄ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو آهي. هن صدرِ مملڪت کان اپيل ڪئي ته ججن جي مقررين واري عمل جي منظوريءَ ۾ وڌيڪ دير نه ڪئي وڃي.










