اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس 6 رڪني لارجر بينچ جوڙي آهي جيڪا اڄ ئي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي خلاف نظر ثاني واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. پنج منٽن کان به گهٽ ڪاروائي دوران بينچ حافظ قرآن کي ميڊيڪل ڪاليج ۾ 20 اضافي نمبر ڏيڻ بابت ازخود نوٽيس وارو ڪيس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ياد رهي ته ان ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ حڪم ڏنو هو ته جيسين از خود نوٽيس بابت رولز ۾ ترميم ٿئي، فل ڪورٽ فيصلو ڪري تيسين از خود ڪاروائي وارن ڪيسن تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 6 رڪني بينچ ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي شامل آهن. هن بينچ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ واري بينچ ۾ جاري ڪيل عبوري حڪم کي بظاهر رد ڪرڻ لاءِ نئون طريقو اختيار ڪندي ڪيس ئي ختم ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته جسٽس قاضي واري بينچ جي فيصلي کي رد ڪرڻ لاءِ رجسٽرار سرڪيولر جاري ڪري ان کي رد ڪيو هو. جنهن تي جسٽس قاضي رجسٽرار کي خط لکي سرڪيولر واپس وٺڻ لاءِ چيو هو، جنهن بعد حڪومت رجسٽرار کي هٽائي ڇڏيو هو. جسٽس فائز عيسيٰ اهو به چيو هو ته سندس فيصلو عدالتي آهي جنهن کي چيف جسٽس به انتظامي حڪم سان رد نٿو ڪري سگهي. حيران ڪن ڳالهه اها آهي ته چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جنهن بينچ پنجاب ۾ چونڊ 14 مئي تي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ان آرڊر ۾ چيف جسٽس بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل بينچ چيو ته ان قانوني حڪم جي ڪا حيثيت ناهي ۽ وري گڏوگڏ 6 رڪني بينچ جوڙي اهو ڪيس ختم ڪيو ويو. ماهرن موجب اهڙي فيصلي جو عدالتي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي ۽ هي متضاد آهي.










