جسٽس جهانگيري ڊگري رد ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو

جسٽس جهانگيري ڊگري رد ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق جهانگيري پنهنجي ڊگري رد ڪرڻ کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو آهي. جسٽس طارق محمود جهانگيري ڪراچي يونيورسٽي جي پنهنجي ڊگري رد ڪرڻ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي، جسٽس طارق محمود پاران داخل ڪيل درخواست ۾ ڪراچي يونيورسٽي سنڊيڪيٽ ۽ ان جي فيئر مينز ڪميٽي جي فيصلي کي چئلينج ڪندي درخواست ڪئي وئي آهي ته درخواست کي آئين جي آرٽيڪل 199-1-A-II تحت باقاعده ريگيولر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي ايڪٽ تحت، سنڊيڪيٽ کي ڊگري جاري ٿيڻ کان پوءِ ان کي منسوخ ڪرڻ جو اختيار ناهي، صرف سول ڪورٽ کي ڊگري جاري ٿيڻ کان پوءِ ان کي منسوخ ڪرڻ جو اختيار آهي، درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي سنڊيڪيٽ ۽ فيئر مينز ڪميٽي جا فيصلا اختيار کان ٻاهر ۽ غير قانوني آهن. ٻڌڻي دوران سڀني اعتراضن جو جواب ڏنو ويندو، تنهن ڪري، ڪراچي يونيورسٽي سنڊيڪيٽ ايجنڊا ۽ فيئر مينز ڪميٽي جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو