اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال مندوخيل فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ججز کي قانون جي حڪمراني لاءِ بيهڻ گهرجي. فيصلا قانون موجب ٿيڻ گهرجن، فيصلا تيز، منصفانه ۽ قانون موجب هجڻ گهرجن، عوام کي وقت تي ۽ موثر انصاف فراهم ڪرڻ عدليه جي ذميواري آهي.هن چيو ته ججز کي فيصلا قانون موجب ڪرڻ گهرجن نه ئي وري ذاتي مفادن کي ڏسندي، ججز کي ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ اچي فيصلا نه ڪرڻ گهرجن، انهن کي هميشه آئين کي ئي اوليت ڏيڻ گهرجي. ججز کي پنهنجون سموريون توانائيون سائلين کي انصاف جي فراهمي لاءِ صرف ڪرڻ گهرجن. ذاتي مفاد تعصب يا دٻاءُ جي تحت فيصلو ڏيڻ غلط آهي، ججز کي پنهنجي حلف ۽ آئين جي پاسداري ڪرڻ گهرجي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته نوجوان ججز مسلسل سکڻ جي عادت تي عمل ڪن، فيصلا تيز، منصفانه ۽ قانون موجب هجڻ گهرجن، عوام کي وقت تي ۽ موثر انصاف فراهم ڪرڻ عدليه جي ذميواري آهي.هن وڌيڪ چيو ته عدليه ۾ مسلسل سکڻ جي اصول کي وسيع پيماني تي مڃيو ويندو آهي، ججز روزاني هر نئين ڪيس مان سکندا آهن. نوجوان عدالتي آفيسر مسلسل سکڻ واري عادت تي عمل ڪن، مسلسل سکڻ عدالتي آفيسرن جي قابليت کي برقرار رکندو آهي. فيصلن کي منصفانه رکڻ جي لاءِ پاڻ کي جديد گهرجن سان جوڙڻ گهرجي، ججز هڪ ٻئي کان علم ۽ تجربو شيئر ڪندا آهن. قانون جي حڪمراني برقرار رکڻ جو واحد رستو مسلسل سکڻ آهي. نوجوان ججز کي پنهنجي علم ۽ صلاحيتن کي اپ ڊيٽ رکڻو پوندو.










