اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي ريٽائرمينٽ تائين موڪل جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اسلام آباد ناصر جاويد رانا کي احتساب عدالت اسلام آباد جو جج مقرر ڪيو ويو آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ريٽائرمينٽ تائين موڪل جي درخواست ڏني هئي جنهن کي منظور ڪيو ويو آهي. جج محمد بشير 14 مارچ تي رٽائرڊ ٿيندو.










