جج زيبا چوڌري جي عدالت  آمد،معافي وٺڻ آيو آهيان:عمران خان

جج زيبا چوڌري جي عدالت آمد،معافي وٺڻ آيو آهيان:عمران خان

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان معافي وٺڻ لاءِ جوڊيشل مئجسٽريٽ زيبا چوڌري جي عدالت پهچي ويو.تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان جوڊيشل مئجسٽريٽ زيبا چوڌري جي عدالت ۾ پهتو، پر پوليس عورت جج جي ڪمري کي بند ڪري کيس ٻڌايو ته جڊيشل مئجسٽريٽ زيبا چوڌري موڪل تي آهي.عمران خان ريڊر سان ڳالهائيندي چيو ته توهان کي زيبا چوڌري کي ٻڌائڻو آهي ته عمران خان آيو آهي.تحريڪ انصاف جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته مان جوڊيشل مئجسٽريٽ زيبا چوڌري وٽان معافي گهرڻ آيو آهيان، ريڊر گواهه ٿيو، معافي وٺڻ آيو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو