جتي 45 ڊگري محسوس ٿي اتي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي،ڪي اليڪٽرڪ

جتي 45 ڊگري محسوس ٿي اتي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي،ڪي اليڪٽرڪ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪي-اليڪٽرڪ چيو آهي ته جيڪڏهن شهر جي ڪنهن به علائقي ۾ گرمي پد 45 ڊگري تي محسوس ڪيو وڃي ته اتي لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي.ڪي-اليڪٽرڪ جي ڊسٽريبيوشن آپريشنز جي سربراهه خرم عبدالله چيو ته گرمي جي لهر جي ڪري ڪي-اليڪٽرڪ مينٽيننس بندش معطل ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به علائقي ۾ گرمي پد 45 ڊگري تائين پهچي وڃي ته اتي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي.ٻئي طرف موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر قائد ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.سومر ڏينهن سڀ کان وڌيڪ گرمي پد تربت ۽ مٺي ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ، ڪراچي، سکر، سبي، لسبيلا ۽ ٺٽي ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ڊيرا غازي خان، ملتان بهاولپور 40، لاهور 37، اسلام آباد، ڪوئيٽا 34 ۽ پشاور 33 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو