ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) جاپاني ڪمپني اي ايل آءِ ٽيڪنالوجي اڏامندڙ ”ايڪس ٽوريسمو“ نالي هوور موٽرسائيڪل تيار ڪئي آهي جنهن کي 27 آڪٽوبر تي لانچ ڪيو ويو آهي. اي ايل آءِ ٽيڪنالوجيز موجب اڏامندڙ موٽرسائيڪل هڪ ڀيرو چارج ٿيڻ تي 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان 40 منٽن تائين 100 ڪلوگرام وزن سان گڏ سولائي سان اڏامي سگھي ٿي. ساڍا 11 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ قيمت وارو هوور موٽرسائيڪل ۾ انجڻ کان سواءِ چار بيٽريو به ڏنيو ويون آهن.










