ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ)مرڪزي جاپان ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، زلزلي کانپوءِ سونامي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب جاپان ۾ زلزلي جي شدت 7.4 هئي.پرڏيهي خابرو اداري موجب جاپان ۾ زلزلي کانپوءِ شهرين کي بلندين تي وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب زلزلو جاپان جي علائقي نوٽو ۾ آيو،جاپاني ميڊيا موجب نوٽو علائقي ۾ سونامي سبب 5 ميٽرن تائين لهرون اُٿڻ جو امڪان آهي.ميڊيا موجب ساحلي علائقي اشيڪاوا، نيگيتا، توياما صوبن لاءِ سونامي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.جاپاني اليڪٽرڪ پاور ڪمپني موجب جاپان ۾ زلزلي سبب 36 هزار کان وڌيڪ گهر بجلي کان محروم ٿي ويا آهن.جاپاني حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هو زلزلي سبب ٿيل نقصان جو اندازو لڳائي رهيا آهن.ڏکڻ ڪوريا جي موسمياتي اداري موجب جاپان جي زلزلي کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا جي اوڀرندي صوبي ۾ سمنڊ جي سطح وڌي سگهي ٿي.










