اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ماضي ۾ جمهوريت ۽ آئين سان کيڏيو ويو پر هاڻي تڪراري ادارا پنهنجي آئيني ڪردار ڏانهن وڌي رهيا آهن.تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ماضي ۾ اسپيڪر جي ڪرسي جي توهين ڪئي وئي، هن ايوان سان مذاق ڪيو ويو، جمهوريت ۽ آئين سان کيڏيو ويو. بلاول ڀٽو چيو ته جيستائين هو آئين جو تحفظ نه ڪندا تيستائين پاڻ کي محب وطن پاڪستاني نٿا چئي سگهون، متحده مخالفن چونڊيل نمائندن کي هٽايو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ادارا تڪراري ٿيڻ بدران آئيني بڻجي وڃن ته پاڪستان جي ترقي کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، سڄو ملڪ ۽ سموريون پارٽيون وزيراعظم ڏانهن ڏسي رهيون آهن. بلاول ڀٽو متحده اپوزيشن طرفان بلقيس ايڌي جي لاءِ تعزيتي ٺهراءُ پڻ پيش ڪيو، هن چيو ته بلقيس ايڌي جي ڪوششن سان 16 هزار يتيم ٻار بچيا، اسان ايڌي صاحب کي ياد ڪريون ٿا ۽ بلقيس ايڌي کي به ياد ڪريون ٿا. قومي اسيمبلي بلقيس ايڌي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.










