تيلگو ڪوريوگرافر چيتنيا خودڪشي ڪري ڇڏي

تيلگو ڪوريوگرافر چيتنيا خودڪشي ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)تيلگو ڊانس ڪوريوگرافر چيتانيا ڀارتي شهر نيلور ۾ هڪ جذباتي وڊيو پيغام جاري ڪرڻ بعد خودڪشي ڪري ڇڏي.ڀارتي ميڊيا موجب تيلگو ڪوريوگرافر چيتنيا قرض ورتو هو، جيڪو ادا نه ڪرڻ تي هن خودڪشي ڪري ڇڏي.ميڊيا رپورٽن موجب چيتنيا پنهنجي آخري وڊيو ۾ چيو ته منهنجي والدين ۽ ڀيڻ منهنجو سٺو خيال رکيو.هن چيو ته مون ڪيترن ئي ماڻهن کي ناراض ڪيو آهي، جنهن لاءِ مان پنهنجي دوستن سميت سڀني کان معافي گهران ٿو.آخري وڊيو پيغام ۾ چيتنيا چيو ته هو پئسن جي معاملي ۾ ماڻهن جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، ان ڪري نه ته هن قرض ورتو پر ان ڪري هو ته هو وقت تي واپس نه ڪري سگهيو.هن چيو ته مان هن وقت نيلور ۾ آهيان ۽ اڄ منهنجي زندگي جو آخري ڏينهن آهي، مان قرضن جا مسئلا برداشت نه ٿو ڪري سگهان.

پهنجو تبصرو موڪليو