تيز رفتاري سبب ڪوچ ڪلٽي هڪ فوت پنج زخمي

تيز رفتاري سبب ڪوچ ڪلٽي هڪ فوت پنج زخمي

روهڙي ( ن سنڌيار)قومي شاهراهه تي ڪراچي کان ماچڪو ويندڙ مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب ڊرائيور کان بي قابو ٿي ڪلٽي ٿي پئي جنهن سبب هڪ مسافر ٿڏي تي فوت جڏھن ته پنج زخمي ٿي پيا جنهن بعد فوتي ۽ زخمين کي ايدهي ايمبولينس ذريعي تعلقي اسپتال روهڙي پهچايو ويو آهي.آچر رات ڪراچي کان ماچڪو ويندڙ مسافر ڪوچ روهڙي بائي پاس پيالا هوٽل ويجهو تيز رفتاري سبب ڊرائيور کان بي قابو ٿي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار مسافر 32 سالن جو لعل بخش ولد ﷲ بخش فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻيا پنج مسافر شفيق ولد شبير احمد سولنگي، ظهور ولد غلام فريد، خالد حسين ولد شير محمد، شاهد ولد مهرالدين ۽ قربان زخمي ٿي پيا ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ واري اطلاع تي ايدهي رضاڪارن واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ زخمين کي ايدهي ايمبولينس ذريعي تعلقي اسپتال روهڙي پهچايو ويو جنهن بعد ضروري ڪارروائي بعد لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ڪوچ حادثي جي شڪار تمام مسافرن جو تعلق پنجاب جي مختلف شهرن سان ٻڌايو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو