توشه خانه ڪيس ،فيصلو محفوظ

توشه خانه ڪيس ،فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري عدالتي فيصلي خلاف درخواست تي ابتدائي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ ۾ ايندڙ ٻڌڻي ڪڏهن ٿيندي؟وڪيل خواجا حارث جواب ڏنو ته ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي.هن عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ ڪيس ٻيهر ٽرائل ڪورٽ ڏانهن موڪلي ٿي ته اها ٻي عدالت ڏانهن موڪلي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو