راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه 2 ڪيس ۾ آخري ٻن شاهدن پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا آهن، توشه خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿي، جنهن دوران پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پراسيڪيوشن ڪيس ۾ آخري ٻن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا، جن ۾ نيب جي جاچ آفيسر محسن هارون ۽ ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر شاهد پرويز شامل آهن. توشه خانه 2 ڪيس ۾ ڪل 20 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، ۽ ارڙهن شاهدن جي جرح مڪمل ڪئي وئي.عدالت توشه خانه 2 ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










