تنگواڻي، گيسٽرو سبب 3 ٻار فوت انگ 19 ٿي ويو

تنگواڻي، گيسٽرو سبب 3 ٻار فوت انگ 19 ٿي ويو

تنگواڻي (ن سنڌيار) مليريا ۽ گيسٽرو وگهي هڪ ئي ڏينهن ۾ 3 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، جنهن بعد تازين برساتن بعد فوتي معصوم ٻارڙن جو انگ وڌي 19 ٿي ويو آهي ھن وقت تائين 30 کان وڌيڪ ٻار ن جي حالت نازڪ آهي. ڳوٺ يعقوب بهلڪاڻي ۾ 3 سالن جو عزيز الله پٽ شاهنواز بکراڻي تيز بخار ۽ گيسٽرو وگهي فوت ٿيو ۽ ڳوٺ سليم جعفري ۾ پڻ 2 سئوٽ سرداري ڌيءُ رضا محمد ۽ 2 ورهين جو معصوم نياز پٽ جمال جعفري گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا، ٻئي پاسي تنگواڻي جي آر ايڇ سي سميت ڪنهن بہ صحت مرڪز ۾ مليريا گيسٽرو جا وارڊ قائم نہ ٿي سگهيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو