تعلقه موومينٽ پاران احتجاج،تعلقي جي گهر

تعلقه موومينٽ پاران احتجاج،تعلقي جي گهر

باڊهه (ن سنڌيار)ڏيڍ لک کان به وڌيڪ آبادي رکندڙ، 14 وارڊن تي مشتمل لاڙڪاڻي ضلعي جو بيو نمبر وڏو تاريخي ۽ ڪاروباري شهر باڊهه چونڊيل نمائندن جي ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ سبب تعلقي جي درجي کان محروم ٿي تباهي ڪناري پهچي کنڊرات جا منظر پيش ڪري رهيو آهي. باڊهه تعلقا موومينٽ پاران هفتيوار احتجاج جي سلسلي ۾ هر آچر جيان هن آچر تي به تعلقا موومينٽ ڊپٽي ڪنوينرن زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي باڊهه پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ باڊهه شهر جي سياسي سماجي علمي ادبي ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن ڪامريڊ عزيز بروهي، دودو ديشي، ڪامريڊ منور نوناري، علي انور عسڪري، ڪامريڊ محمد علي خشڪ، فدا حسين تنيو، جمال خاصخيلي، عبدالله بروهي، مير مرتضيٰ گوپانگ، ديدار سومرو، صفر مغيري، عامر جوڳي، سينيئر صحافي نظام ڪولاچي، علي رضا نوناري، نبي رضا بلوچ، مظهر نوشاد ڦلپوٽو، محمد هاشم مدني سومرو، محمد امين سيال، جي ايم چنجڻي، مور سنڌي، نادر سومرو، افضل سانڀل سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري “حڪمرانو پنهنجا واعدا پورو ڪيو باڊهه کي تعلقو ڪيو” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي غريب عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ته ٻئي طرف عوام کي اٽي لٽي ۽ اجهي جي بهاني ذليل و رسوا ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته باڊهه تعلقا موومينٽ جي پليٽ فارم تان لڳاتار 3 سالن کان احتجاج ڪري پنهنجي شهر جو بنيادي حق باڊهه تعلقي جي گهر ڪيون ٿا. پر افسوس جو چونڊيل نمائندن يا سنڌ حڪومت جي ڪنن تي جوون به نه سري آهي. وڏا وڏا واعدا ڪندڙ تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت باڊهه کي تعلقي بڻائڻ جا واعدا ڪري هتان جي ماڻهن کان ووٽ وٺي اقتدار ماڻيو ۽ اعليٰ ايوانن تائين پهچڻ بعد کانئن واعدا وسري ويا پر باڊهه تعلقا موومينٽ جي پليٽ فارم تان کين ڪيل واعدا ياد ڏيارڻ بعد به هنن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ۽ هٿ وٺي باڊهه شهر کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو جنهن سبب اڪثر ڪاروباري خاندان مجبورن هتان لڏپلاڻ ڪري ٻين ڏانهن منتقل ٿي ويا. باڊهه شهر جي اڌ کان ننڍا شهر به تعلقا بڻجي ويا ۽ باڊهه شهر کي تعلقي جي درجي کان محروم رکيو ويو جنهن مان صاف ظاهر آهي ته حڪمرانن کي صرف باڊهه واسين جي ووٽ سان واسطو آهي پر باڊهه واسين جي ڏکن ۽ اهنجن جو سندن وٽ ڪو به قدر ناهي، باڊهه شهر روڊ رستن، بائي پاس، لائبرري، ٽيڪسي اسٽينڊ، پبلڪ پارڪ، ڪميونٽي هال سميت سمورين بنيادي سهولتن کان محروم لڳو پيو آهي پر وقت جا انڌا ٻوڙا ۽ گونگا حڪمران اکين تي پٽيون ٻڌي ويٺا آهن. وڌيڪ هنن چيو ته بلدياتي اليڪشن ايندي جيڪو پيور بلاڪ جو ڪم هلي رهيو آهي اهو به باڊهه تعلقا موومينٽ ۽ شهرين جي احتجاج جي سلو آهي ڇاڪاڻ ته حڪمران سمجهي چڪا آهن ته باڊهه واسي کين ڪنهن به صورت ۾ ووٽ هرگز ڪونه ڏيندا جنهن سبب شهرين جا ووٽ حاصل ڪرڻ ۽ سندن دلين ۾ پيپلز پارٽي جي ساک بحال ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن پر کين هن ڀيري بلدياتي اليڪشن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو ڇاڪاڻ ته باڊهه واسين پنهنجو ووٽ باڊهه تعلقي سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. آخر ۾ هنن پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت تڪ جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن توهان کي باڊهه واسين جا ووٽ گهرجن ته پهريان باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن کڻي اچڻو پوندو ٻي صورت ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت بجائي مخالفت ڪئي ويندي ۽ ووٽ ان جماعت کي ڏنا ويندا جيڪا باڊهه تعلقي جو باقاعدي نوٽيفڪيشن آڻي ڏيندي. وڌيڪ هنن چيو ته جيستائين باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏئي باڊهه واسين ۾ ڦهليل بيچيني ختم نه ڪئي ويندي تيستائين اسان جو احتجاجي سلسلو جاري رهندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو