تربت جي ناصر آباد مان 6 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ

تربت جي ناصر آباد مان 6 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ

تربت (ويب ڊيسڪ): بلوچستان جي ضلع ڪيچ جي شهر تربت جي ويجهڙائي واري علائقي ناصر آباد مان 6 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن، جنهن بعد سڄي ضلعي ۾ خوف ۽ سنسني واري لهر پکڙجي وئي آهي. پوليس ڪنٽرول موجب، مقامي ماڻهن جي اطلاع تي پوليس فوري طور تي پهچي لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ۽ طبي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽرن موجب سڀني مقتولن کي ويجهو کان گوليون هنيون ويون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اصل سببن جو پتو لڳائڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته مقتولن جي سڃاڻپ ڪرڻ جي ڪوشش پڻ جاري آهي ته جيئن سندن وارثن سان رابطو ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو