تجل شاخ تي هٿرادو دڪا لڳڻ ڪري پڇڙي جا آبادگار پريشان

تجل شاخ تي هٿرادو دڪا لڳڻ ڪري پڇڙي جا آبادگار پريشان

نارو( ايس ڪي سهتو) نارا ڪينال جي کاٻي پاسي مان نڪرندڙ شاخ تجل مائينر تي مڪمل بااثرن جو قبضو، شاخ تي بااثرن طرفان غريب آبادگارن سان ظلم واٽر ڪورسن کي هٿرادو دڪا لڳائي غريب آبادگارن کي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪايو پيو وڃي بااثرن پنهنجن واٽر ڪورسن جا منهن فل کولي شاخ کي اڳيان بند ڪري هٿرادو غير قانوني ٽيل ڪرائي ڇڏي.

شاخ جي هيٺان غير قانوني ڪراسنگ نول لڳائي ليفٽ سائيڊ وارن واٽر ڪورسن جو پاڻي رائيٽ سائيڊ ۽ رائيٽ سائيڊ وارن واٽرن جو پاڻي ليفٽ سائيڊ ڪراس ڪيو پيو وڃي ۽ غريبن جي پاڻي جي وارن ۾ بااثر پڪن سيمينٽ تي ٻڌل واٽر ڪورسن کي ٽوڙي زبردستي پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. شاخ تي ايف او چيئرمين طرفان غريبن جون نوليون ته پٽرايون ويون آهن پر بااثرن جون نوليون اڃا تائين هلندڙ آهن. هتي جي آبادگارن ڊائريڪٽر سيڊا، انجنيئر نارا ڪئنال، ايس ڊي او سميت ٻين اعلي’ اختيارين ۽ ايريگيشن کاتي کي گذارش ڪئي آهي ته خدارا بااثرن خلاف ايڪشن کڻي پاڻي چوري ۾ ملوث ايريگيشن عملدارن خلاف به سخت قانوني ڪارروائي ڪري اسان غريب آبادگارن سان ظلم بند ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو