ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور ريئلٽي شو بگ باس سيزن 14 ۾ چيلينجرز جي حيثيت سان قدم رکندڙ ڀارتي اداڪاره عرشي خان جو وڏو خواب پورو ٿي ويو.ڀارتي ميڊيا موجب عرشي خان تازو ممبئي ۾ پنهنجو گهر ورتو آهي جنهن لاءِ هوءَ بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي شڪرگذار آهي.ان ڏس ۾ اداڪاره عرشي خان چوڻ آهي ته شروع کان ئي منهنجو خواب هو ته مونکي پنهنجو گهر هجي يقين ئي نٿو اچي ته اهو پورو ٿي ويو.










