لاهور(ويب ڊيسڪ) امير جماعت اسلامي سراج الحق جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ بيروزگاري تي ضابطو نه اچي رهيو آهي، پڙهيل لکيل نوجوان مستقبل کان مايوس آهن.هڪ بيان ۾ امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته ملڪ جي طول و عرض ۾ بجلي ناهي ۽ ٻوڏ متاثرين مدد لاءِ سڏ ڪري رهيا آهن، ڊالر سستو هجڻ باوجود مهانگائي تي ڪو به اثر نه پيو.سراج الحق وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري عروج تي آهي، پڙهيل لکيل نوجوان مستقبل کان نااميد آهن.هن چيو ته عوام جي بجلي جي اگهن ۾ روزاني واڌ آءِ ايم ايف جي حڪم تي ٿي رهي آهي، جنهن کي اسين رد ڪريون ٿا.










