بورس جانسن جي ڪرسي لوڏن ۾، اڌ ڪابينا استيعفيٰ ڏئي ڇڏي

بورس جانسن جي ڪرسي لوڏن ۾، اڌ ڪابينا استيعفيٰ ڏئي ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ)برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جون پريشانيون وڌي ويون آهن، پاڪستاني ڄائي ڪنزرويٽو ويٽو ايم پي ثاقب ڀٽي به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب ثاقب ڀٽي اڳوڻي صحت واري سيڪريٽري ساجد جاويد جي پرائيويٽ پارلياماني سيڪريٽري جو عهدو سنڀاليو جڏهن ته هو برطانوي وزيراعظم بورس جانسن سان گڏ بريگزٽ مهم ۾ به شامل هو.پنهنجي بيان ۾ ثاقب ڀٽي چيو ته ڪنزرويٽو ويٽو پارٽي هميشه ايمانداري ۽ عزت جي علامت رهي آهي، بدقسمتي سان گذريل ڪجهه مهينن جي واقعن سبب عوام جو پارٽي تي اعتماد گهٽجي رهيو آهي.ڪنزرويٽو پارٽي جي وائيس چيئرمين بين ايفليمي به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جڏهن ته جونٿن گولز ۽ نڪولا رچرڊسن به پرائيويٽ پارلياماني سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.بين ايفليمي پڻ وزيراعظم بورس جانسن جي استعيفي جو مطالبو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو