ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ پوندڙ سردي جي شديد لهر جو سلسلو جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ هن مهل تائين گهٽ ۾ گهٽ 50 ماڻهو جان جي بازي هارائي ويٺا آهن. خابرو ايجنسي رائٽرز مطابق بنگلاديش جي موسميات کاتي مطابق آچر جي ڏينهن سڀ کان گهٽ گرمي پد ملڪ جي اترئين سرحدي علائقي ٽيٽولا ۾ 4.5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. سرڪاري ڊائريڪٽوريٽ صحت جي سينئر آفيشل عائشه اختر ٻڌايو ته 1 نومبر کان 28 ڊسمبر تائين بنگلاديش ۾ ساهه جي بيمارين سبب 17 جڏهن ته ڊائريا ۽ ٻين بيمارين سبب 33 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته سردين جون بيماريون جهڙي طرح زڪام، هائيڊريشن ۽ پيچش کان متاثر ماڻهن سان اسپتالون ڀرجي ويون آهن. عائشه ٻڌايو ته گهٽ آمدني وارو مزدور طبقو گهڻي سرديد سبب وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته انهن جي گرم ڪپڙن تائين رسائي مشڪل آهي جڏهن ته ٻار ۽ عورتون نمونيا جهڙن بيمارين کان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ رهندو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بنگلاديش ۾ سردي ۽ ٿڌيون هوائون لڳڻ سان گڏ شديد ڌنڌ جو سلسلو وڌيڪ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهندو. بنگلاديشي سول ايوي ايشن موجب شديد ڌنڌ ڪري اڏامن جو شيڊول به متاثر ٿيو آهي ۽ ڪيتريون ئي اڏامون معطل ڪيون ويون آهن. دارالحڪومت ڍاڪا ۾ رڪشو هلائيندڙ عبدالرحيم ٻڌايو ته مون وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي جنهن سان گهر وارن جو پيٽ پالي سگهان سخت سردي ۾ به ڪم ڪرڻ تي مجبور آهيان. هن ٻڌايو ته سردي سبب مسافرن جي تعداد به گهٽ ٿي وئي آهي ڇاڪاڻ ته هن موسم ۾ ماڻهو غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه پيا نڪرن ۽ رڪشو هلائڻ وقت ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته منهنجي جسم جو خون ڄمي ويو هجي.










