بلڊرمافيا جي ڌمڪين  خلاف صحافين جو احتجاج

بلڊرمافيا جي ڌمڪين خلاف صحافين جو احتجاج

خيرپور ( سجاد علي ڪٻر ) مني لانڊرنگ ڪيس جي جوابدارن ۽ سندس ساٿاري  بلڊرمافيا پاران پريس ڪلب خيرپور جي بهادر صحافي، ۽ پريس ڪلب جي فنانس سيڪرٽري شاهدنواز سيال کي خبرون هلائڻ تان موت مار ڌمڪيون ڏيڻ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي صحافين کي حراسان ڪرڻ  خلاف پريس ڪلب خيرپور جي صدر سميت ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو،ان موقعي تي پريس ڪلب خيرپور جي صدر خطاب ڪندي چيو ته حق سچ جو آواز بلند ڪرڻ تي بلڊر مافيا ۽ ٻيا خيرپور جي صحافين کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته خيرپور جا صحافين ڪنهن به ڌمڪيون ۾ ناهن ڊڄندا حق سچ جو آواز بلند ڪرڻ کان دنيا جي ڪابه طاقت نه ٿي روڪي سگهي، هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيوته بلڊر مافيا جي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪري صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي خيرپور آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين، هنن چيو ته حيرت جهڙي ڳالهه آھي جو نيب زده بلڊر سهولتڪار بلڊر مافيائن ذريعي صحافين جي قلم خلاف سازشون ڪري حق ۽ سچ جو آواز بند ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آھن ، هنن چيو ته صحافين کي مافيائن پاران ڌمڪيون ملڻ نئين ڳاله ناهي  پر اسين کين آگاهه ڪريون ٿا ته ظلم جو مقابلو ڄمي ڪنداسين فتح ھميشه حق ۽ سچ جي ٿيندي ، مافيائن کي انهن جي انجام تائين پهچائي دم کڻنداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو