بلڊر جو ٻوڏ متاثرن سان زيادتيون سنڌياڻي تحريڪ جو احتجاج

بلڊر جو ٻوڏ متاثرن سان زيادتيون سنڌياڻي تحريڪ جو احتجاج

حيدرآباد(ن س) لطيف آباد ۾ سنڌو درياھ جي ڪچي ۾ درجن کان وڌيڪ ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن کي ٽينٽ، راشن، مڇر دانيون ۽ چوپائي مال جو چارو نہ ملڻ ۽ ڪچي ۾ بلڊر مافيا جي غير قانوني اسڪيمن لاءِ ڏنل ھٿرادو بند ختم نہ ڪرڻ خلاف لطيف آباد 10 نمبر ڀرسان بچاءُ بند ۽ گنجي ٽڪر تي پنھنجي مدد پاڻ ويٺل ٻوڏ متاثرن سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ لطيف آباد بچاءُ بند کان ريلي ڪڍي عورتن ۽ ٻارن سان گڏ پيادل مارچ ڪري شھباز بلڊنگ اڳيان ڌرڻو ھنيو. ريلي جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نصرت خاصخيلي آمنت ملاح ۽ قومي عوامي تحريڪ، جي مرڪزي اڳواڻ الطاف خاصخيلي، اصغر لغاري، اقبال خاصخيلي، شفيع ملاح، اجمل ٺاڪر، مير محمد سولنگي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي الطاف خاصخيلي چيو تہ پ پ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي بي يارومددگار ڇڏي ڏنو آھي. ڊي سي، اي سي لطيف آباد ۽ مختيارڪار پ پ وزيرن ۽ ايم پي ايز جي بنگلن تي ويٺا آھن. من پسند ماڻھن کي نوازيو پيو وڃي. لطيف آباد 10 نمبر ڀرسان بچاءُ بند تي ھزارين غريب خاندان بي يارومددگار ويٺا آھن. ڪنھن کي بہ ٽينٽ ناھي مليو. متاثر ڪکن ۽ پنن جون جھڳيون ٺاھي ويٺا آھن. غريب متاثر ٻار، عورتون ۽ پيرسن ماڻھو ۽ نياڻيون کليل آسمان ھيٺ اس ۾ سڙي رھيون آھن. علائقي مان پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ ڪري مڇرن جو آزار آھي. پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي. ڪجھ ڏينھن ۾ ٻارن، عورتن ۽ بزرگ ماڻھن سميت 10 ڄڻا مليريا ۽ دستن جي بيماري ۾ فوت ٿي چڪا آھن. گذريل ڏينھن ھڪ ڳورھاري عورت فوت ٿي وئي. ھڪ ماڻھو نانگ جي ڪکڻ جي ڪري فوت ٿي ويو آھي. ٻوڏ سبب وڇون ۽ نانگ بلائون نڪري آيون آھن. اڳواڻ آمنت ملاح چيو تہ چوپايو مال بکن ۽ بيمارين ۾ مري رھيو آھن. بيمار ماڻھو علاج لاءِ پنھنجي گھرن جا سامان وڪڻي رھيا آھن. ڪنھن بہ متاثر کي راشن ناھي مليو. مڇرن جي ڪري اڪثر ماڻھو مليريا ۾ مبتلا آھن. ڊائريا ۾ جي وبا پکڙجي رھي آھي. ڪوٽڙي جي پاسي کان نامعلوم چور اچي ٻڏي ويل گھرن مان چوري ڪري وڃن ٿا. امن امان جو انتظام ناھي. نصرت خاصخيلي چيو تہ درياھ جي ڪچي ۾ بلڊر مافيا اريگيشن ۽ ٻين آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري ناجائز ھائوسنگ اسڪيمن لاءِ ھٿرادو بند ڏئي ڇڏيا آھن، جنھن ڪري سڄو فلڊ زون بلاڪ ٿي ويو آھي. پاڻي جي قدرتي گذرگاھ بند ٿي وئي آھي. پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ ڪري ڳوٺ فضل لغاري، ڳوٺ ڌنو پٽيل، ڳوٺ حاجي خان لغاري، ڳوٺ بچل لغاري، ڳوٺ نم ماڇي جا گھر پاڻي ۾ ٻڏا پيا آھن. ڳوٺ دڙي مياڻ، ڳوٺ ناھيچاڻي ميان، ڳوٺ ميجر باقر سميت درجن کان وڌيڪ ڳوٺن جا رستا پاڻي ۾ ٻڏا پيا آھن. ھزارين ڳوٺاڻا پنھنجي گھرن ۾ نٿا وڃي سگھن. اصغر لغاري چيو تہ ٻوڏ متاثرن جو سامان اوطاقن تي پيل آھي، اھي پنھنجي من پسند ماڻھن کي سامان ڏين ٿا باقي غريب ماڻھو محروم آھن، انھن کي ڪجھ بہ نٿو ڏنو وڃي. اقبال خاصخيلي چيو تہ ڊي سي، اي سي ۽ مختيارڪار سميت سمورا آفيسر بند تان گذري وڃن ٿا پر ڪو بہ حال احوال پڇڻ لاءِ ۽ مدد لاءِ اسان کان پڇڻ لاءِ به تيار ناھي. ٻوڏ متاثرن چيو ته اسين افغاني، بنگالي، بھاري يا غير ملڪي ناھيون. ھن ڌرتي جا ڌڻي آھيون پر اسان کي مڪمل نظرانداز ۽ لاوارث ڪيو ويو آھي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي لطيف آباد 10 نمبر ڀرسان بند تي ويٺل متاثرن کي ٽينٽ، راشن، مڇر دانيون، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ علاج جون سهولتون ڏئي زندگيون بچايون وڃن. بلڊر مافيا جو ھٿرادو ڏنل بند ختم ڪري ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ۽ رستا صاف ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو