بلوچستان ۾ سيلابي ريلن 6 ڊيمن کي ٽوڙي ڇڏيو

بلوچستان ۾ سيلابي ريلن 6 ڊيمن کي ٽوڙي ڇڏيو

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ سيلابي ريلين سبب وڌيڪ 6 بند ٽٽي پيا، جڏهن ته صوبي ۾ فوتين جو انگ 241 ٿي ويو آهي.مقامي انتظاميا موجب، زيارت، پشين ۽ مستونگ جي علائقن ۾ ڪيتريون ئي بستيون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن، واشڪ، خضدار ۽ بولان ۾ بجليءَ جو مين ٽاور ڪرڻ سبب علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي آهي ۽ موبائل فون سروس پڻ معطل ٿي وئي آهي. انٽرنيٽ سروس پڻ بند ڪئي وئي آهي نصيرآباد ۾ بولان قومي شاهراهه تي پنجرا پل سيلابي ريلي سبب ڊهي پٽ ٿي وئي، جڏهن ته ٻوڏ جو پاڻي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ ڪري ماڻهو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته بلوچستان ۾ مواصلاتي نظام ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ بحال ڪيو ويو آهي، ايڌي رضاڪارن ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل 400 کان وڌيڪ ماڻهن کي بچايو جڏهن ته صوبي ۾ فوتين جو انگ 241 ٿي ويو آهي.صوبائي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻوڏ واري ريل صوبي جي 1000 ڪلوميٽرن جي مختلف شاهراهن کي سخت نقصان پهچايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو