ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ 29 مئي تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ لسبيلا ۾ چونڊن جي شيڊول جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.صوبائي اليڪشن ڪميشن (پي اي سي) ڪوئيٽا ۽ لسبيلا کانسواءِ بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ 29 مئي تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن موجب صوبي ۾ مڪاني چونڊون پراڻي طريقي سان ٿينديون. صوبائي اليڪشن ڪمشنر فياض مراد جيو نيوز کي ٻڌايو ته صوبي ۾ 838 يونين ڪائونسلون، 34 ضلعي ڪائونسلون، 54 ميونسپل ڪميٽيون، 8 ميونسپل ڪارپوريشن ۽ هڪ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن آهي. هن چيو ته صوبي جي ٻهراڙين ۾ يونين ڪائونسلن جي وارڊ سطح تي ڪائونسلر سڌي ريت عوام مان چونڊيا ويندا، اهي سڀئي ڪائونسلر انهن مان هڪ کي چيئرمين ۽ هڪ کي وائيس چيئرمين مقرر ڪندا. صوبائي اليڪشن ڪمشنر فياض مراد چيو ته يونين ڪائونسل جو چيئرمين ضلعي ڪائونسل جو ميمبر هوندو، جيڪو گڏيل طور تي ضلعي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ڪندو، ان سان گڏوگڏ ميونسپل ڪميٽي، ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي وارڊن ۾ ڪائونسلر به چونڊيندا. ڪائونسلر چيئرمين ۽ ميئر جي چونڊ ڪندا.










