بلديه فيڪٽري باهه ڪيس مان ڀولا ۽ چريا بري ٿي ويا

بلديه فيڪٽري باهه ڪيس مان ڀولا ۽ چريا بري ٿي ويا

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ اربع ڏينهن متحدو قومي موومينٽ جي ٻن ڪارڪنن ــ عبدالرحمان عرف ڀولا ۽ زبير عرف چريا ــ کي 2012ع ۾ ڪراچي جي بلديا فيڪٽري باهه واقعي ۾ مبينا ملوث هجڻ جي الزام هيٺ مليل سزائن کي ختم ڪري ڇڏيو.
11 سيپٽمبر 2012ع تي علي انٽرپرائيز گارمينٽ فيڪٽري کي بلديا ٽائون ۾ باهه ڏني وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 260 کان وڌيڪ مزدور، جن ۾ 16 اهڙا به شامل هئا جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جيئرا سڙي فوت ٿي ويا هئا. اهو واقعو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان هولناڪ صنعتي باهه وارو حادثو قرار ڏنو وڃي ٿو.
اربع ڏينهن سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ، جنهن جي سربراهي جسٽس ملڪ شهزاد احمد ڪري رهيا هئا ۽ جنهن ۾ جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس شڪيل احمد شامل هئا، دهشتگردي ٽوڙ عدالت (ATC) پاران ٻنهي جوابدارن کي قتل، ڀتا خوري، باهه لڳائڻ ۽ دهشتگردي جي الزامن هيٺ ڏنل موت جي سزا کي شڪ جو فائدو ڏيندي ختم ڪري ڇڏيو.
عبدالرحمان عرف ڀولا، جيڪو ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ڍانچي ۾ اڳوڻو سيڪٽر انچارج هو، ۽ زبير عرف چريا کي سيپٽمبر 2020ع ۾ بلديا ٽائون ۾ علي انٽرپرائزز گارمينٽ فيڪٽري کي باهه ڏيڻ جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
ياد رهي ته 2023ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻنهي ڪارڪنن جي موت جي سزا برقرار رکي هئي، جڏهن ته فيڪٽري جي چئن ملازمن کي ڏنل عمر قيد جي سزا ختم ڪري ڇڏي هئي. بعد ۾ ٻنهي سزا يافته ماڻهن سپريم ڪورٽ ۾ ان فيصلي کي چئلينج ڪيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ساڳئي ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير رئوف صديقي ۽ ٻين ٽن جوابدارن جي بريت خلاف رياست جي اپيل به رد ڪري ڇڏي هئي.
اربع ڏينهن ٻنهي جوابدارن جون اپيلون منظور ڪندي سپريم ڪورٽ چيو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. عدالت فوت ٿيلن جي وارثن کي ڪيس ۾ ڌر بڻائڻ جي درخواست به رد ڪري ڇڏي ۽ رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن کين ڌر بڻايو ويو ته سڀاڻي وڌيڪ 200 درخواستون به اچي سگهن ٿيون.
جسٽس شهزاد اهو به قرار ڏنو ته هيٺين عدالتن پاران ايم ڪيو ايم بابت ڪيل رمارڪس کي رڪارڊ مان خارج ڪرڻ واري درخواست هاڻي غير مؤثر ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ انهن عدالتن جا فيصلا ئي ڪالعدم قرار ڏنا ويا آهن.
ٻڌڻي دوران جسٽس شهزاد چيو ته زبير عرف چريا جو اعترافي بيان موجود هو، پر گڏيل جوابدار عبدالرحمان عرف ڀولا جو اهڙو ڪو بيان موجود نه هو. هن سوال ڪيو: “جيڪڏهن ايم ڪيو ايم پاران ڀتي جي گهر ڪئي وئي هئي ته پوءِ ٻين جوابدارن جي بريت خلاف اپيل ڇو نه ڪئي وئي؟”
درخواستگذارن جي وڪيل، سينيئر قانوندان فروغ نسيم دليل ڏنو ته سندس موڪل مڪمل طور بيگناهه آهن ۽ پوليس کين ڪوڙي نموني ڪيس ۾ ڦاسايو. هن چيو ته ٻنهي جا نالا اصل ايف آءِ آر ۾ شامل نه هئا، پر 2015ع ۾ سنڌ حڪومت پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم (JIT) جي رپورٽ جي بنياد تي کين جوابدار بڻايو ويو، جڏهن ته اها رپورٽ قانوني طور قابلِ قبول ثبوت نه هئي ۽ نه ئي ان جي بنياد تي موت يا عمر قيد جهڙي سزا ڏئي سگهجي ٿي.
وڪيل ياد ڏياريو ته قانون موجب شڪ جو فائدو هميشه جوابدار کي ڏنو ويندو آهي، خاص طور تي جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ ئي ٻين جوابدارن کي اهو فائدو ڏئي چڪي هئي.
هن وڌيڪ چيو ته جوابدارن کي واقعي کان اڍائي سال کان وڌيڪ عرصي بعد ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪو پاڻ ئي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته استغاثه جا شاهد ٺاهيل ۽ غير معتبر هئا.
وڪيل اهو به چيو ته واقعي کان ڪجهه وقت اڳ فيڪٽري مالڪ عبدالعيز ڀائيلا جي حڪم تي علي انٽرپرائزز فيڪٽري جا ٽي دروازا بند ڪيا ويا هئا.
هن دليل ڏنو ته مالڪ جا پٽ ارشد ڀائيلا ۽ شاهد ڀائيلا، گڏوگڏ ٽن ماڙ فيڪٽري جي انتظاميه، مزدورن لاءِ هنگامي نڪرڻ جا مناسب انتظام ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. وڪيل موجب، دروازن تي لوهي ڄاريون لڳل هيون، جنهن سبب مزدور ٻاهر نڪري نه سگهيا. هن وڌيڪ چيو ته JIT هڪ محمد رضوان قريشي نالي شخص جي ڏنل معلومات جي بنياد تي سنڌ حڪومت جوڙي هئي.
اپيلن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته رضوان قريشي کي نه ته شاهد طور پيش ڪيو ويو ۽ نه ئي JIT جي مواد کي ثابت ڪرڻ لاءِ جوابدار بڻايو ويو، جڏهن ته اها رپورٽ واقعي کان 9 مهينا پوءِ تيار ڪئي وئي هئي.
اپيلن ۾ اهو به چيو ويو ته ڀتي جي مطالبي بابت درخواستگذارن خلاف ڪو به ثبوت موجود نه هو. استغاثه موجب اهو مطالبو جولاءِ 2012ع ۾ ڪيو ويو هو، جڏهن ته واقعو سيپٽمبر 2012ع ۾ پيش آيو.
اپيلن موجب نه سي سي ٽي وي رڪارڊنگ پيش ڪئي وئي ۽ نه ئي ڪو مخصوص شاهد پيش ڪيو ويو، جيڪو فيڪٽري مالڪن کان ڀتي جي مطالبي واري الزام جي تصديق ڪري سگهي.
اپيلن ۾ وڌيڪ چيو ويو ته استغاثه 2013ع تائين ان معاملي تي خاموش رهيو، جيستائين رضوان قريشي گرفتار نه ٿيو. درخواستن موجب واقعي واري ڏينهن کان وٺي 2015ع تائين نه پوليس ۽ نه ئي فيڪٽري مالڪن مبينا ڀتي بابت ڪا شڪايت داخل ڪرائي يا ڪيس درج ڪرايو.
اپيلن ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو ته استغاثه ڪراچي يونيورسٽي جي سائنس ليبارٽري جي اها رپورٽ به رڪارڊ تي پيش نه ڪري سگهيو، جيڪا ثابت ڪري سگهي ها ته باهه ڪنهن ڪيميائي مادي سبب لڳي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو