بلدياتي چونڊون ملتوي ٿيڻ اتحادين جي شڪست جي نشاني آهي: عمران

بلدياتي چونڊون ملتوي ٿيڻ اتحادين جي شڪست جي نشاني آهي: عمران

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ضمير جو سوداگر پنجاب ۾ اليڪشن جي بازار سجائي سنڌ ۾ چونڊن کان ڀڄي رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران اسماعيل چيو ته اين اي 245 جي چونڊ ملتوي ڪرڻ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي شڪست جي نشاني آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پ پ جو اوزار بڻجي عوام کي سندن حقن کان محروم ڪري رهي آهي. عمران اسماعيل چيو ته ٺپا مافيا اڄ ٻيهر ڀڄڻ تي چڙهي وئي آهي، شڪست ۽ ذلت سندن مقدر بڻجي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو